عبدالغفور ڀرڳڙي

عبدالغفور ڀرڳڙي

عبدالغفور ڀرڳڙي

عبدالغفور ڀرڳڙي : عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي ، سماجي حوالي سان مشهور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ؛ بي . اي چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس ( سي اينڊ ايس ) ڪاليج شڪارپور مان ؛ ايم . اي فارسي ۽ ايل . ايل . بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري ، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين . هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو . شڪارپور جي سي . اين . ايس ڪاليج ۾ به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين . عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو . 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو . ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي ، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو ، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين ، بعد ۾ خانبهادر کهڙي هن اداري کي معطل ڪيو ، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيهر چيئرمئن مقرر ٿيو . هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا . ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو ، جنهن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو . هو 1962ع ۾ بي . ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شهدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو ، سرڪاري اميدوار 125 ، جڏهن ته هن 90 ووٽ حاصل ڪيا . جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شهدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمه جناح جو پولنگ انچارج رهيو . جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمه فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو . پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺهرائي ڏنو ويو ، جتي شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين . 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شهدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو . هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو . جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو . سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو . جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو . جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نه سگهيو . اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو . ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو ، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو . 1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو . هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي . 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينهن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو . هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو . عبدالغفور ڀرڳڙي ، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو . سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو ، جنهن ۾ هن روميءَ ، اقبال ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي .هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحده جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي . ڀرڳڙي صاحب انتهائي هوشيار ، قانوني ماهر ، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي . هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي . صاف سٿري سياست جو قائل رهيو آهي . هن محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ” پڻ لکيو .


لفظ عبدالغفور ڀرڳڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو